مخدوم محمد صالح سيوهاڻي

مخدوم محمد صالح سيوهاڻي : صوفي شاعر ۽ بزرگ مخدوم محمد صالح ولد مخدوم محمد حسن قاري سيوهڻ جو رهاڪو هو. ميرن جي دور جو سٺو صوفي شاعر هو، ننڍپڻ کان ئي صوفياڻه خيالن جو هوندو هو. يارهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي چاچي مخدوم محمد عارف مفتي سيوهاڻيءَ جي مدرسي مان سمورا ديني علم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. علم جي حاصلات کان پوءِ اڪثر وقت گوشي نشينيءَ جي حالت ۾ ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هو، ڪجهه عرصي بعد ڪتابن کي ڇڏي عشق رسول صلي الله عليه وسلم طرف مائل ٿيو. مائٽن جي زور وجهڻ باوجود شادي نه ڪيائين. اڪثر وقت رياضت ۾ گذارڻ لڳو، مٿس ڪشف جو علم حاوي ٿيو. ايندڙ وقت جي حالتن جي اڳڪٿي ڪندو هو. ڀٽائيءَ سان عشق هئس، سومر فقير ۽ فضل فقير کان اڪثر ڀٽائيءَ جو راڳ ٻڌندو هو. هن جي تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪري وقت جا ٽالپر حڪمران سندس گهڻي عزت ڪندا هئا، جڏهن مير نصير خان ولد مير مراد علي خان سنڌ جو والي ٿيو، تڏهن مخدوم محمد صالح کي ديهه سامتياڻيءَ ۾ جاگير ڏنائين. مخدوم جو سمورو صوفياڻو ڪلام فارسيءَ ۾ آهي. هن تيرهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو